شهدادڪوٽ ۾پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو، قمبر روڊ تي شاميانا کوڙي ڌرڻو

شھدادڪوٽ (ڊ ر) شهدادڪوٽ اي سيڪشن پوليس خلاف ڳوٺ آدم کوسو جي رھواسين احتجاجي مظاهرو ڪري حسيني چوڪ وٽ قمبر  مين روڊ تي شاميانا کوڙي ڌرڻو ھنيو, جڏهن ته ٽائرن کي باھيون ڏئي پوليس خلاف سخت نعري بازي پڻ ڪئي وئي، ڌرڻي سبب روڊ بند ھئڻ ڪري شھرين, مسافرن ۽ روزيدارن کي سخت تڪليف جو منهن ڏسڻو پيو. ان موقعي تي صحافين آڏو دانھيندي اصغر کوسو،نصر الله کوسو، احمد کوسو ۽ ٻين چيو ته شھدادڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او انور بروھي جي اڳواڻي ۾ قمبر ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس اھلڪارن بناجواز اسان جي ڳوٺ آدم کوسو تي چڙھائي ڪري ظلم جي انتھا ڪئي. ھنن پوليس تي الزام ھنيو ته پوليس چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪري ڌاڙيلن جيان گھرن ۾ داخل ٿي بي حساب ڦرلٽ ڪئي، پوليس سوين مڻ ڪڻڪ،8 مينهون، 7 گابا ۽ 8 رڍون ۽ ٻيو گھريلو سامان ٻن ٽريڪٽر  ٽرالين ۾ ڀري کڻي وئي، ان سان گڏ ٻن ڄڻن فقير الله کوسو ۽ اختيار کوسو کي گرفتار ڪري  گم ڪيو ويو.ھنن چيو ته اسان آخر اھڙو ڪھڙو ڏوھ ڪيو ھو، جو پوليس ايڏي وڏي ناجائزي ڪئي، جيڪڏهن ڪئي آهي ته پوليس ظاھر ڪري. ھنن چيو ته پوليس جيڪا ناانصافي ڪئي آهي، ان خلاف عدالت ۾ وينداسين. ھنن آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او انور بروھي جي ٿيل ناانصافي جو نوٽيس وٺي لکين رپين ماليت جي ٿيل ڦرلٽ وارو سامان واپس ڏياري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ خاموش نه ويھنداسين.ھوڏانھن عوامي آواز پاران جڏهن ايس ايڇ او انور بروھي کان واقعي بابت موقف معلوم ڪرڻ لاءِ باربار فون ڪئي وئي ته ھن اٽينڊ نه ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.