مسڻ وڏي (ن ع آ) مسڻ وڏي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ عيد ويجهو ايندي ئي بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي ۽ شهري توڙي ڳوٺاڻا غيرمحفوظ ٿي ويا آهن، ان ڏس ۾ گڏ ڪيل ڄاڻ موجب، ڳوٺ بيگن جروار لڳ احمد شاھ جي ٻني ۾ لڳل ٽرانسفارمر مان رات نامعلوم چور ڪوئلون ۽ ٻيو قيمتي سامان ڪڍي چوري ڪري ويا مسڻ شھر جي زميندار حيدر ملڪ جو رات جي ٽائيم ٽريڪٽر جو گوبل به چوري ٿي ويو مسڻ لڳ ڳوٺ محسن ڏگو ۾ رات دير سان مالوند حبو ريٻاري جي ڀاءُ جو ٻڪر چوري ٿي ويو.
-
ڪورنگي ۾ پوليس ڪارروايون، 8 جوابدار گرفتار
ڪورنگي ( ن ع آ) ضلعي ڪورنگي پوليس مختلف ڪاررواين دوران 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار جوابدارن جي قبضي مان هٿيارن سميت 2 پستول، 16 موبائيل فون، هڪ ڪلو کان وڌيڪ چرس، اڌ ڪلوگرام منشيات ۽ هيروئن پائوڊر، 4 ڪلو گرام کان وڌيڪ غير مضرصحت گٽڪا ماوا ۽ 67 هزار رپيا روڪ رقم هٿ ڪئي وئي. پوليس گرفتار جوابدارن جي قبضي مان چوري ڪيل 2 موٽرسائيڪلون پڻ هٿ ڪيون آهن.گرفتار جوابدارن عادتي ڏوهاري آهن ۽ اڳ به ڪيترن ئي ڪيسن ۾ جيل ڀوڳي چڪا آهن. گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ اختيارين حوالي ڪيو ويو. ضلعي ڪورنگي پوليس پاران ڏوهن جي خاتمي ۽ امن امان جي بحالي ۽ عوام جي تحفظ لاءِ کنيل قدم جاري رهندا.