محرابپور ۾ ڦر واقعي جا جوابدار پئسا ڏئي آزاد، احتجاج

محرابپور (ن ع آ ) محرابپور ۾ ڦر واقعي جو گرفتار جوابدار عيد خرچي عيوض آزاد ان سلسلي ۾ پرائمري استاد مکڻ چنه محرابپور پوليس  جي زيادتين خلاف احتجاج ڪندي ميڊيا آڏو دانھيندي چيو آھي ته ٻه مھينا آڳ پيروسڻ روڊ تان ھٿيارن جي زور تي سي ڊي موٽر سائيڪل ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر واري واقعي ۾ ملوث جوابدار محمد علي وگھيو کي محرابپور پوليس حراست ۾ وٺڻ بعد ڦر سامان واپس ڪرائڻ ۽ ڪيس داخل ڪرڻ بجاءِ الٽو ايس ايڇ او محرابپور ڳڙي عيد خرچي عيوض آزاد ڪري ڇڏيو آھي ۽ اسان مٿان فيصلي لاءِ دٻاءُ وجھي رھيو آھي فيصلي کان انڪار ڪرڻ تي ايس ايڇ او محرابپور قربان علي ڪلوڙ ڏمرجي اهلڪار موڪلي نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي، جنهن سبب سخت ڳڻتي ۽ خوف واري لهر ڇائنجي وئي آھي، ڊي آءِ  جي نوابشاھ  ايس ايس پي نوشھرو فيروز کي اپيل ڪئي آھي ته ڦر ٿيل سامان واپس ڏياري ايس ايڇ او محرابپور پاران مليل ڌمڪين جي تحقيقات ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.