ميان صاحب (ن ع آ) همايون ڀرسان ڳوٺن مان ڪڻڪ خيرات وٺڻ دوران گداگرن جي موٽرسائيڪل چوري ٿي وئي، فقير عورتن ۽ مردن موٽرسائيڪل جي ڳولا لاءِ ابدال شاخ ۽ ٻين علائقن ۾ قرآن پاڪ گهمايو.ان موقعي تي شڪارپور کان آيل فقير رحمت علي ۽ ٻين ٻڌايو ته ابدال شاخ جي علائقي ۾ ڪڻڪ جي ديرن تي لڳندڙ ٿريشر تان خيرات وٺڻ لاءِ موٽرسائيڪل واهه ڀرسان بيهاري، جيڪا چوري ڪئي وئي.