بٺوري ۾ ناظم جوکيو جي خون سان انصاف لاءِ سماجي ورڪر جو احتجاج

ميرپوربٺورو (رپورٽ: شوڪت سومرو)شهيد ناظم قتل ڪيس ۾ ملوث ڄاڻايل پ پ پ ايم اين اي ڄام عبدالڪريم ۽ ايم پي اي ڄام اويس  جا نالا ڪيس مان خارج ڪرڻ واري عمل خلاف ميرپوربٺورو جو سماجي ورڪر نعمان شورو پنهجي نياڻين فلڪ ۾ فضا سميت صوفي شاھ عنايت پريس ڪلب ميرپور بٺورو پهچي ويو، نياڻين جي هٿ ۾ ناظم جوکيو جي خون سان انصاف ڪيو ۽ ناظم جوکيو پکين جو محافظ هو جا نعرا لکيل هئا، انهي موقعي تي ڳالهائيندي نعمان شورو چيو ته وڏيرن اقتداري نشي سبب هڪ بيگناھ ناظم جوکيو تي بي پناه تشدد ڪري کيس قتل ڪيو جنهن جي ڪيس جي پيروي ڪندڙ سندس بيواه کي ڊيڄاري ڌمڪائي ڪيس تان هٿ کڻايو ويو آهي ته جيئن بااثر وڏيرن کي کلي ڇوٽ ملي سگهي هن چيو ته ناظم جوکيو جو قتل سماجي ڏوھ آهي انهي ۾ شامل بااثرن سميت سڀني جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، هوڏانهن نياڻي فضا ڳالهائندي چيو ته ناظم جوکيو پکين ۽ جانورن جو محافظ هو ۽ پکين جو تحفظ ڪرڻ هتي ڏوھ بڻجي ويو آهي جنهن سبب ناظم جوکيو کي بي دردي سان قتل ڪيو ويو. هنن مطالبو ڪيو ته ناظم جوکيو جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.