پير ڳوٺ ويجهو قتل ٿيل نوجوان جو مڙهه مٽي ماءٌ حوالي، وارثن جو احتجاج

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) پيرڳوٺ لڳ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل نوجوان جي هٿيارن جي ڇانوَ ۾ تدفين، ڪيس داخل نه ٿيو. گهر ۾  ڪهرام متل. رپورٽ موجب گذريل ڏينهن پيرڳوٺ لڳ برادي جتوئي ٿاڻي جي ڳوٺ گل حسن مڱڻيجو ڀرسان مڱڻيجا ناريجا تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ بي دردي سان قتل ڪيل ڳڀرو نوجوان ولي الله مڱڻيجو جي جنازي نماز سندس اباڻي ڳوٺ گل حسن مڱڻيجو ۾ ادا ڪئي وئي جنهن بعد کيس هٿيارن جي ڇانوَ ۾ علائقي جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو جڏهن ته ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود نوجوان ولي الله مڱڻيجو جو قتل ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي. جڏهن ته نوجوان جي قتل سبب سندس گهر ۾ ڪهرام متل آهي ۽ سندس امڙ کي بيهوشي جا دورا پئي رهيا آهن. ٻئي طرف مقتول نوجوان جي وارثن سخت احتجاج ڪندي چيو ته ايس ايس پي خيرپور ملڪ ظفر اقبال اسان جي نوجوان جو خون لوڙهڻ چاهي ٿو، اسان جو نه ڪيس داخل ڪيو آهي نه قاتل گرفتار ڪيا آهن اسان مٿان نبيري لاء زور ڀري رهيو آهي. هنن چيو ته 24 ڪلاڪن اندر قاتل گرفتار نه ٿيا ته ڊي آء جي سکر آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.