چيلهار ۾ چمڙي جي بيماري وگهي مال ڪرڻ لڳو، انتظاميا خاموش

چيلھار (رپورٽ: جتيندر باغي)چيلھار ۾ ڍڳين کي لمپي اسڪن بيماري جي بچاءُ واري وئڪسين ڪرڻ باوجود ڪيتريون ئي ڍڳيون مري ويون اڃا به ڍڳيون مرڻ وارو سلسلو جاري آھي اھڙي صورتحال بعد چيلھار جي شھرين پرديپ ڪمار جوئارو مھراج ھريش ڪمار ۽ ٻين عوامي آواز چيلھار کي ٻُڌايو ڊاڪٽر جيوت ۽ ٻيا اسانجي ڍڳين کي وئڪسين ڪئي تئين ڍڳيون مرڻ شروع ڪيون وئڪسين ڪندڙ ڊاڪٽر جيوت ڪمار 25 ڍڳين کي 1 سرينج استعمال ڪئي جنھن سبب اسانجون ڍڳيون مرڻ شرڳع ڪري ڏنو آھي شھرين چيو وڌيڪ چيو اسان وئڪسين ڪندڙ ڊاڪٽر کي چيو 1 سرينج 25 کان مٿي ڍڳين کي ساڳئي استعمال ڪري رھيو آھين ته آھين نقصان ٿي سگھي ٿو ڍڳيون مري سگھن ٿيون پر ڊاڪٽر اسانجي 1 به نه ٻُڌي انڪري ھن وقت تائين 5 ڍڳيون مري چُڪيون آھن 1 ڍڳي 2 لک کان مٿي رقم جي آھي 5 ڍڳيون 10 لک جون آھن سيکڙاٽ ڊاڪٽر ھُئڻ جي ڪري اڃا ته ڪيتريون ئي مرڻ ته آھن جنھن جو ذميوار وئڪسين ڪندڙ ڊاڪٽر آھي ھنن سيشن جج ٿرپارڪر کان مطالبو ڪيو ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪري اسانجو ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي سيکڙاٽ عملو مقرر ڪرڻ بجاء مال بچائيندڙ عملو مقرر ڪيو وڃي ٻئي طرف اھڙي معملي ته ڊاڪٽر جيوت عوامي آواز کي رابطو ڪرڻ ته ٻُڌايو اسان ڪافي ڳوٺن ۾ وئڪسين ڪئي آھي اھڙو اطلاع ناھي مليو ان مامري ته ڊپٽي ڊائريڪٽر سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر رابطو نه ٿي سگھيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.