چيلهه جو سور ڇو پوي ٿو ۽ ان کان ڪيئن بچجي؟

 

روز مرهه جي ڪمن ڪارن ۾ اسان پنهنجي صحت بابت ڪيترين ئي ڳالهين کي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهيون ۽ اهو غلط آهي، ڪنهن به فرد کي پنهنجي صحت جي حوالي سان ايترو غافل نه رهڻ گهرجي.

چيلهه جو سور سڄي دنيا جو مسئلو آهي ۽ هر شخص کي ڪڏهن نه ڪڏهن اها شڪايت ٿي پوندي آهي.

عام طور تي اهو سور هڏي جي هيٺان کان ٿيڻ شروع ٿيندو آهي ۽ پوءِ پکڙجندو ويندو آهي.

عورتن ۽ مردن ۾ چيلهه جي سور جو وڏو سبب وڏين کڙين وارا جوتا به ٿي سگهن ٿا.

اهو به ممڪن آهي ته جيڪي سينڊل يا جوتا اوهان پهري رهيا آهيو انهن جون کڙيون ظاهري طور ٺيڪ لڳي رهيون هجن پر انهن جي غير همواري جي ڪري اوهان کي چيلهه ۾ سور پوي ٿو.

ان حوالي سان طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪي وڏي کڙين وارا جوتا پهرين ٿا ته چيلهه جو سمورو زور مٿان کان هيٺ لهي ٿو، جنهن سبب چيلهه جي هڏي ۽ عضوا دٻاءَ ۾ اچي وڃن ٿا.

هونئن ته اوچي کڙي پهرڻ کان پاسو ڪجي پر جيڪڏهن اوهان پهريو ٿا ته سيني کي ٿورو ٻاهر ڪڍي هلجي، جنهن سان جسم جو اڌ وزن گوڏن تي پوندو.

ٻئي پاسي گهڻو ڪري بسترا غير معياري گدي (ميٽريس) جا هوندا آهن، جيڪي چيلهه جي سور جي مسئلن کي دعوت ڏين ٿا.

اڪثر ماڻهو سخت گدي جو استعمال ڪندا آهن، ڇو ته کين نرم گدي تي سڪون ناهي ايندو.

ماهرن موجب جيڪي وچولي گدي کي سڪون لاءِ استعمال ڪن ٿا، اهي چيلهه جي سور کان بچيل رهن ٿا.

ان لاءِ ضروري آهي ته اوهان گدي جو جائزو وٺو.

هوڏانهن چيلهه جهڪائي ويهڻ به تڪليف ڏيندو آهي، خاص طور تي جيڪڏهن ڪمپيوٽر استعمال ڪندا هجو ته ڪي بورڊ ڏانهن جهڪڻ کان پاسو ڪريو، بلڪل سڌا ويهو ۽ ڪلهن کي پرسڪون رکو.

سڊني يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جيڪي ماڻهو مختلف قسمن جي ورزشن جا عادي هوندا آهن، انهن ۾ هڪ سال اندر چيلهه جي سور جي شڪايت 35 سيڪڙو گهٽجي ويندي آهي.

اهڙي ريت ورزش سان ڳريون شيون کڻڻ ۽ ويهڻ جو مناسب طريقو اختيار ڪجي، جنهن سان تڪليف 45 سيڪڙو گهٽجي ويندي.

چيلهه جي سور سان سمهڻ به ڏکيو هوندو آهي ۽ ننڊ به سٺي ناهي ايندي.

ان لاءِ ماهر گوڏن وچ ۾ ويهاڻو ڏئي سمهڻ جي صلاح ڏين ٿا، جنهن سان ڪجهه آرام ملندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.