ميهڙ ۾ ڀاڳئي پاران چوري ڪندڙ گرفتار جوابدار پوليس جي ڏيتي ليتي بعد آزاد ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.
ڀاڳئي غلام سرور چانڊئي، پ پ اڳواڻ ظفر چانڊئي، منير احمد ۽ ٻين سميت پريس ڪلب پهچي احتجاج رڪارڊ ڪرايو.
ان موقعي تي ڀاڳئي سرسر چانڊئي جو چوڻ هو ته چار ڏينهن اڳ سندس گھر مان چور هڪ پسٽل، لکين رپيا روڪ ۽ لکين رپين جا سونا زيوار چورائي ويا هئا، کوجي ڪتن جي ذريعي کنيل پيرا جوابدارن بخشل ۽ الهڏتو چانڊيو جي گهر ۾ لڳا، جن کي پوليس گرفتار ڪيو.
سندس چوڻ هو ته گرفتاري بعد ايس ايڇ او قابل ڀيي، ون فائيو انچارج الاهي بخش زرداري ۽ سندس وڏي ڀاءَ ميھڙ ٿاڻي جي وڏو منشي خدا بخش زرداري هڪ بااثر جي چوڻ تي ڏيتي لتي بعد جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پوليس قانوني ڪارروائي ڪرڻ بدران راڄوڻي ڪرڻ لاءِ زور ڀري رهي آهي.
احتجاج ڪندڙ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪندي چيو ته بي سيڪشن پوليس خلاف ايڪشن کڻي چوري ۾ گرفتاري بعد آزاد ڪيل جوابدارن کي ٻيهر گرفتار ڪري چوري واپس ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.