ڪوٽڙي: ڳوٺ مانجھي جي رهواسين جو فيڪٽرين جو زھريلو پاڻي ڳوٺ ۾ ڇوڙ ٿيڻ خلاف احتجاج

ڪوٽڙي سائيٽ واري علائقي ۾ قائم ڳوٺ مانجھي برفت جي رهواسين پاران فيڪٽرين جي زھريلي پاڻي ڇوڙ ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن ريلي ڪڍي وئي.

ميھار خان، سومار، محمد يعقوب، حسن برفت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪوٽڙي ۾ قائم فيڪٽرين جو زهريلي پاڻي ڳوٺ ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو، جنھن سبب ڳوٺاڻا مختلف بيمارين ۾ وٺجا ويا آھن.

سندن چوڻ هو ته فيڪٽريز انتظاميا کي ڪيترائي ڀيرا هنن زهريلي پاڻي ڳوٺ ۾ ڇوڙ نه ڪرڻ لاءِ لکت ۾ چيو  پر عمل نه ٿيڻ تان ڳوٺاڻن دانيهو ته فيڪٽريز انتظاميا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا.

ھنن سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪندي چيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي فيڪٽريز انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪري ڳوٺ ۾ زھريلي پاڻي جو ڇوڙ بند ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.