ڪلوئي ۾ رڻ شاخ ۽ ڏيپلو مائينر جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

ڪلوئي ۾ رڻ شاخ ۽ ڏيپلو مائينر جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

رياض درس، محمد عيسيٰ، بھادر لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آبادگارن بلوچ آباد وٽ ڪئمپ قائم ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي آبادگارن جو چوڻ هو ته رڻ شاخ ۽ ڏيپلو مائينر جي آبادگارن کي هٿ سان تباھه ڪرڻ لاءِ آبپاشي عملدارن پاڻي جو وارو ھفتي جي بدران ايڪوهين ڏينهن ڪري ڇڏيو آهي، گھرج موجب پاڻي نه ملڻ ڪري فصل سڪي تباهه ٿي رهيا آهن.

آبادگارن سنڌ حڪومت ۽ آبپاشي کاتي کان مطالبو ڪندي چيو ته رڻ شاخ ۽ ڏيپلو مائينر کي هفتيوار شيڊول موجب پاڻي فراهم ڪري معاشي تباهي کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.