ٽنڊو غلام حيدر:  هاءِ روف ۽ ڪار ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سميت 10 کان وڌيڪ زخمي

ٽنڊو غلام حيدر  ۾ هاءِ روف ۽ ڪار ۾ ٽڪر سبب ٻن عورتن سميت 10 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال پهچائي طبي امداد ڏني وئي.

حيدرآباد_بدين روڊ تي مال پڙي وٽ تيزر فتار هاءِ روف ۽ ڪار ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ زيب النساءَ ، زرينه، ممتاز شورو، پايل ديوان ۽ مڪيش ڪمار سميت 10 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.

امدادي ٽيمن حادثي واري هنڌ پهچي زخمين کي تلهار اسپتال پهچايو جتي کين طبي امداد ڏني وئي.

حادثي ۾ زخمين ٿيلن مان ٽن ڄڻن اشوڪ ڪمار، مشتاق ۽ زرينه شورو جي حالت وڌيڪ خراب هجڻ ڪري کين بدين ۽ حيدرآباد اسپتالن ڏانهن اماڻيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.