وزن کڻڻ جو حيران ڪندڙ فائدو سامهون اچي ويو

 

اسان ڄاڻيون ٿا ته جسماني طور تي تندرستي اسان کي بيمارين کان بچائڻ کانسواءِ زندگي ۾ واڌ جو ڪارڻ به بڻجي سگهي ٿي.

هاڻي برطانوي تحقيق چوي ٿي ته هفتيوار جيڪڏهن 30 کان 60 منٽ وزن کنيو وڃي ته ان سان جسم مضبوط ٿيندو ۽ ائين عمر ۾ واڌ ٿي سگھي ٿي.

اسپورٽس ميڊيسن بابت برٽش ميڊيڪل جنرل ۾ شايع ٿيل هڪ مقالي موجب جسماني مضبوطي جي تربيت ۽ ورزشن سان عمر وڌي سگھي ٿي، ان ڏس ۾ وزن کڻڻ ۽ ڇڪڻ يعني اسٽريچنگ جون ورزشون خاص طور تي اهميت رکن ٿيون.

تحقيق موجب لڳ ڀڳ 4 لک 80 هزار شريڪ ٿيلن تي ڪيل سروي ۽ مطالعن جي 16رپورٽن جو تجزياتي مشاهدو ڪيو ويو آهي.

هن سروي ۾ مختلف عمرين جا بالغ ماڻهو شامل هئا ۽ ان لحاظ سان ڇو ته هيءَ هڪ وڏي ڊيٽا به آهي، ان جا انگ اکرن به اهميت رکن ٿا.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن هڪ هفتي ۾ 30 کان 60 منٽن تائين وزن کنيو وڃي ته ان سان دل تي سٺا اثر پون ٿا، دل جي صحت جا سڄي جسم تي هاڪاري اثر پوندا آهن، ائين ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ انهن جي عمر وڌيڪ ٿي سگھي ٿي، جيڪي وزن کڻن ٿا، گڏوگڏ انهن جي زندگي جو معيار به بهتر ٿي سگھي ٿو.

پر ماهرن ان جي ٻٽي فائدي جي لاءِ واڪنگ ۽ جاگنگ تي زور ڏنو آهي، جنهن جا وڌيڪ بهتر اثر سامهون اچي سگھن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.