گهريلو ڇڪتاڻ ۽ ڪاوڙ کان ڪيئن بچجي؟

 

ٻار محبت جو رويو رکندا آهن ۽ کين رڳو محبت ڪرڻ اچي ٿي پر ڪڏهن ڪڏهن اهي ڪاوڙيل ٿي پوندا آهن ۽ ان جو به ڪو سبب هوندو آهي.

هڪ 8 ورهين جو ٻارڙو ننڍين ڀينرن ۽ ٻين ٻارن سان خراب رويو رکندو هو ۽ ساڻن جهيڙا ڪندو هو ۽ کيڏڻ کان به انڪار ڪندو هو.

جڏهن ان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي ته پتو پيو ته ان ٻار جا ولدين ڪاوڙ ۾ تيز آهن ۽ ماءُ پيءُ ۾ اڪثر جهيڙا ٿيندا رهندا آهن جڏهن ته اهي ٻئي وري پنهنجي ڪاور ٻارڙي عابد مان به ڪڍندا هئا.

اهو ئي سبب هو جو بنا ڪنهن سبب جي ڪاوڙ ڪڍڻ تي عابد پاڻ به ڪاوڙيل ٿي پيو ۽ ٻين سان اهڙو رويو رکڻ لڳو هو.

اهڙن عملن سان ٻارن جي سوچ به متاثر ٿئي ٿي ان لاءِ اهو ڄاڻن ضروري آهي ته ڪاوڙ جا ڪهڙا محرڪ آهن ۽ انهن تي ضابطو ڪيئن آڻي سگهجي ٿو.

وڏن ۾ ڪاوڙ جا ڪارڻ ساڻن خراب رويو، ذهني پريشاني، ٽريفڪ ۾ ڦاسڻ، آفيس ۾ ڇڪتاڻ، مالي پريشاني، گهريلو جهيڙا، ساڙ، سازشون يا بيماري ۽ ٿڪاوٽ به شامل آهن.

ٻارن ۾ به ڪاوڙ ائين ئي پيدا ٿئي ٿي پر ڪجهه ٻيون شيون آهن جيئن ٻين ٻارن سان جهيڙو، ڪنهن ڪم جي اجازت نه ملڻ، ٻارن کي نظرانداز ڪرڻ، اسڪول يا ٻاهر تشدد جو نشانو بڻجڻ، غنڊا گردي جو شڪار ٿيڻ، سزا ملڻ يا ڇنڊ ملڻ، ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن بيماري سبب به ڪاوڙ اچي ويندي آهي.

ان تي ضابطو ڪرڻ هڪ طريقو اهو اهي ته ڪاوڙ جي صورت ۾ فوري رد عمل ڏيڻ کان پاسو ڪجي، ان لاءِ پاڻ کي پرسڪون رکڻ لاءِ مختلف ذهني، جذباتي يا عملي سرگميون ڪري سگهجن ٿيون.

15 منٽن جو وقفو

جيئن ئي ڪنهن معاملي تي ڪاوڙ اچي ته جواب ڏيڻ ۾ 15 منٽ لڳايو، اهڙي ريت اوهان پرسڪون رهندا ۽ پوءِ معاملي کي بهتر حالت ۾ سمجهي سگهندا.

ذهني سرگرمي

ڪاوڙ ۾ ڪو عمل شروع ٿي ويندو آهي جيڪڏهن ڪجهه سمجهه ۾ نه اچي ته ابتي ڳڻپ شروع ڪريو مثال طور 100 کان هڪ تائين ۽ وري ان کي ورجايو.

روحاني سرگرمي

ٿڌا ساهه کڻڻ سان سڪون حاصل ٿئي ٿو ۽ ڪاوڙ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 کان ويهه ڀيرا ٿڌا ۽ ڊگها ساهه کڻڻ سان حالت نارمل ٿي وڃي ٿي.

جسماني سرگرمي

ورزش ڪرڻ، پيادل هلڻ يا رڳو گهر مان نڪري وڃڻ به ڪاوڙ واري ڪيفيت ۾ گهٽتائي آڻي ٿو.

ڪاوڙ جو هاڪاري استعمال ڪريو

ڪاوڙ عام ڳالهه آهي پر ان کي دٻائڻ سان مسئلا به ٿين ٿا، ڪاوڙ تي ضابطي سان ان کي هاڪاري ڪم لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو جنهن سان ذاتي زندگي ۽ ڪٽنب کي خوشگوار بڻائي سگهجي ٿو.

ڪجهه دير خاموشي کانپوءِ جڏهن اوهان يا اوهان جو ٻار ڪاوڙ جي ڪيفيت مان ٻاهر اچي ته اهي اپاءَ وٺي سگهجن ٿا.

ڳالهايو

ڪاوڙ ڪنهن سبب سان ۽ ڇو اچي ٿي ته بابت ڳالهايو، اوهان پاڻ سان يا ڪنهن ٻئي فرد سان به ان حوالي سان ڳالهائي سگهو ٿو. اهڙن موضوعئن تي سوالن کانپوءِ ڳالهائڻ ۾ رهنمائي ملندي.

پرسڪون مصروفيتون ڳوليو

ڪاور جي حالت ۾ لکڻ، ڊرائنگ يا پينٽنگ جهڙيون سرگرميون ڳوليو جيڪي ڪارائتيون رهنديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.