شهيد نذير عباسي جي ڀاءُ نثار عباسي جو وڇوڙو

تحرير: حميده گھانگھرو

ڪڏهن ڪڏهن موبائل جي رنگ دل کي جهوري ڇڏيندي آهي. اهڙي خبر اڄ صبح  سان اک کلندي ٻڌڻ ۾ آئي فون ادي زرينه عباسي روئيندڙ آواز ۾ چيو ته حميده نثار هليو ويو، سنڌي ٻولي جا ڪي لفظ مبهم انداز ۾ ڳالهائي ٻئي ماڻهو کي خوفزده ڪرڻ بجاءِ ڄڻ آهستگي سان خبر ڏيڻ هوندي آهي.بهرالحال ڪجهه وڌيڪ ڳالهائڻ کانسواءِ بس ايترو ته ٽنڊوالهيار ۾ امڙ جي ڀرسان تدفين ٿيندس. اديءَ کي نه ڳالهائڻ جي سگھه هئي نه ٻڌي پئي سگھي. 1975ع جي ڳالهه آهي مان اڃان سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن ۾ نئين آئي هئم بلڪه ايس اين ايس ايف جي پليٽ فارم تان اسٽوڊنٽس يونين جي جنرل سيڪريٽري منتخب ٿي هئم. محرابپور هاءِ اسڪول شاگرد سرگرمين جو يادگار سال هئو. ڀٽي صاحب تمام يونين تان پابنديون ختم ڪري اليڪشن تحت آزادي جو حق ڏنو هو. پر قلم  144 جي ٿلهي زنجير به ٺاهي رکي هئي، ڪنهن به شهر ۾ سرگرمي تي 144قلم تحت گرفتاري ڪئي ويندي هئي. قول ۽ فعل جو اندازو انهي مان لڳائي سگھي ٿو ته باشعور شاگرد هاري، مزدور، پنهنجا بنيادي حق نه ملڻ تي احتجاج ڪندي گرفتار ڪيا ويندا هئا. بهترين اتساهه ڏيندڙ شاعري جا ڪتاب مضمونن جا رسالا سڀني تي پابندي هئي. تمام وڏا وڏا شاعر اديب، صحافي ۽ هاري مزدور جيلن ۾ قيد هئا. انتها اها هئي جيڪڏهن متعلقه اڳواڻ گرفتار نه ٿي سگھندا هئا ته انهن جي گھر ڀاتين کي ٿاڻن تي ويهاري ڊيڄاريو ڌماڪايو ويندو هو. حالانڪه 1975ع عورتن جو عالمي سال ليکيو ويندو آهي. پر ان سال پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن سياسي، سماجي ڪارڪنن يا اڳواڻن جي رپورش سرگرمين تي به پابندي لڳائڻ لاءِ سندن گھرڀاتين کي گرفتار ڪيو ويندو هو. نذير عباسي کي گرفتار ڪرڻ لاءِ جڏهن مايوسي ٿي ته سندن سڄي گھر ڀاتين دل جي مريض پيءُ ٻن مائرن ڪنوارين ٽن ڀينرن ۽ ڀائرن کي گرفتار ڪري حراسان ڪيو ويو ته نذير عباسي گرفتار نه ٿيو ته توهان سڀ جيل حوالي ڪيا ويندا. نذير عباسي جي ڀيڻ  ادي زرينه عباسي ۽ نثار عباسي همٿ سان مقابلو  ڪرڻ وارا هئا. ان ڪري چيائون ته اسانجو ڀاءُ غلط ناهي. شاگردن جي حقن جي ڳالهه ڪري ٿو، جيڪو هنن جو بنيادي حق آهي. اڻ سڌي طرح نثار عباسي نذير عباسي جو ڏکي وقت ۾ به ساٿ ڏنو بلڪه مزدورن جي علائقن ۾ ملڻ لاءِ ايندو ۽ کين يقين ڏياريندو ته اسين سڀ توسان سان گڏ آهيون پر بس ڪجهه خانداني ۽ سماجي مجبورين ڪري ظاهري ساٿ نٿا ڏئي سگھون. آخر 1976جون ۾ نذير عباسي کي گرفتار ڪري 16 مهينا جيل ۾ رکيو جنهن جو ذڪر طارق اشرف پنهنجي جيل ڊائري ۾ ڪيو آهي. 5 جولاءِ 1977 تي ڪاري رات جي انڌري ۾ ملڪ جو چونڊيل وزيراعظم کي هٽائي ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪئي ٿي وڃي ته پوءِ جنرل ضيا ڀٽي جي دور جا تمام سياسي قيد آزاد ٿو ڪري توڻي جو کڻي سمجهه ۾ پيو اچي ته ضيا جي مصنوعي پاليسي صرف ڏيکاءُ جي آهي ۽ پوءِ نذير عباسي سيپٽمبر 1977 ۾ آزاد ٿئي ٿو ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ ئي وري گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن ٿا. انهي عرصي ۾ منهنجي شادي نذير عباسي سان طئي ٿئي ٿي. شادي جو احتمام محرابپور ۾ هو. هيءَ شادي ڪا خانداني يا ذاتي بنيادن تي نه هئي پوري پاڪستان کان سياسي، سماجي، هاري، مزدور شاگرد شريڪ هئا ۽ سڄو انتظام به هنن پاڻ ڪيو پر وري اها ئي سياسي انتقامي سزا واري پاليسي ته مائٽن کي حراسان ڪرڻ ۽ پوليس نذير عباسي جي والد صاحب کي ڌمڪي ڏني ته توهين جي شادي ۾ شريڪ ٿيا ته سڀني کي اتي گرفتار ڪيو ويندو. هڪ پيءُ جي ڪهڙي ڪيفيت هوندي پٽ جو پيار ۽ سماجي عزت وقار جا بندهن جڏهن نياڻين جي چهرن کي ڏٺو ته ڀاءُ جي شادي جا ڳانا ٻڌڻ جي خوشي صاف ظاهر نظر پئي اچي پر قيد ۾ ڪاٽيل اهي پل جڏهن جبري طور ٿاڻي تي ڀوڳنائون نظر پيون اچن ته فيصلو اهو ڪيو بس شادي ۾ شريڪ ناهي ٿيڻو اتي نذير عباسي جي وڏي ڀيڻ ادي حسينه جيڪا ڪراچي ۾ رهي ٿي پنهنجي ٻارن سميت ۽ ٽنڊوالهيار مان ادي زرينه ۽ نثار شريڪ ٿيا. نثار عباسي جو چوڻ ته مان جيل جون ڀوڳنائون برداشت ڪندس پر ڀاءُ جي خوشيءَ ۾ شريڪ ضرور ٿيندس. اهڙي نموني نثار عباسي تمام گھڻو رسڪ کڻي محرابپور نذير عباسي جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيو. ان کانپوءِ جڏهن هن 1980 ۾ نذير عباسي کي شهيد ڪيو ويو ته نثار اڪيلو خوف ڊپ ڪرڻ کانسواءِ اڪثر حال احوال وٺڻ ايندو هو. سندس ڌيءُ جي شادي ۾ مونکي دعوت ڪجهه اهي لفظ چئي ڏنائين ته ڀاڀي جيڪڏهن توهين نه آيا ته مان سمجهندس واقعي منهنجو ڀاءُ ادا نذير اسانجي وچ ۾ ناهي. مون چيو ته ضرور ايندس ۽ شاديءَ ۾ نه صرف شريڪ ٿيس پر پنهنجي نثار جي گھر ۾ ٻه ڏينهن وڌيڪ ترسيم. گھڻيون يادگيريون ڪچهري ۾ ٿينديون رهيون. سندس گھر واري ڀاڀي عابده انتهائي قربائتي آهي. ادا نثار چوندو هئس ته ڀاڀي حيمده کي جيڪي شيون پسند آهن اهي ئي گھر ۾ پچنديون. مون انهيءَ دوران عوامي آواز لاءِ انٽرويو به ڪرايو جيڪو تمام گھڻو يادگار آهي ۽ هي انٽريو ويو ڪري چوندو هو ته مان هن انٽرويو کي پنهنجي ڀاءُ جي يادگيرين جو اثاثو سمجهان ٿو. 10 ڏينهن اڳ آءِ سي يو ۾ به مونسان ڳالهايائين ۽ چوي پيو . زرقا اسان جي نياڻي آهي مونکي ڏاڍو ياد ٿي اچي. ڀاڀي جڏهن توهان سان ڳالهائيندو آهيان ڄڻ توهان اڪيلا نه ڄڻ ادا نذير به ساڻ آهي. مان سوچيندي رهيس ته اڄ نه سڀاڻي ويندس. انهي اڄ نه  سڀاڻي جي چڪر ۾ انسان ڪيترا نقصان ٿو ڪري. اهڙو ئي نقصان مون به ڪيو آهي. منهنجي ڀاءُ جهڙو ڏير جيڪو هر وقت فون ڪري حال احوال وٺندو ۽ چوندو هو  ڀاڀي اڳي حالتون اهڙيون نه هيون هاڻي الله جو شڪر آهي. بس توهين هتي اچي رهو حيدرآباد ۾ به توهانجي پارٽي جا کوڙ ساٿي آهن. گڏجي ملڻ جلڻ ٿيندو سندس فليٽ جي مٿان رشيده پنهور جو فليٽ هو جڏهن مان ادا نثار جي گھر ويندي هئس ته رشيده پنهور کي به گھرائيدو پوءِ ته بس خوب ڪچهري ٿيندي هئي. وقت هڪ وهڪرو آهي، جيڪا ڳالهه پوئتي رهجي وئي اها صرف يادگيري آهي، اڄ هو تمام پوئتي هلندو ٿو وڃي، اسين سندس يادگيرين کي کڻي زماني جي ڊوڙ ۾ اڳتي ٿا وڃون. سندس پٽ بلڪل نذير عباسي جي مهانڊي آهي اڪثر چوندو هو ته ڀاڀي ادا نذير مونکان ڪڏهن به نه وسريو. هميشه يادن ۾ رهيو ڏسو منهنجو پٽ به انهيءَ  جي مهانڊي آهي. ادا نثار جو وڇوڙو دل کي جهوري ويو آهي.

.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.