سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس نئين ڪوٽ واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ميرپورخاص جي علائقي نئين ڪوٽ ۾ ٻن نارين کي اغوا ڪري تشدد ۽ اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻائڻ جون ميڊيا ۾ خبرون هلڻ کانپوءِ واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کي واقعي بابت 15 فبيروري تائين رپورٽ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ميرپورخاص کان به معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

يادرهي ته نئين ڪوٽ ۾ 20 جوابدارن ٻن نارين کي اغوا ڪري سڄي رات اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو هو، پوءِ انهن کي هڪ پوليس اهلڪار جي گهر ۾ ڇڏي ويا هئا.

واقعي کانپوءِ پوليس ڪارروائي ڪندي 12 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته 8 فرار آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.