شيدي برادري  تنزيلا قمبراڻي کي گلاب جي گلن ۾ توري ڇڏيو 

پ پ ايم پي اي ۽ وڏي وزير جي صلاحڪار تنزيلا امه حبيبه قمبراڻي چيو آهي ته لعلو رائنڪ ۾ آباد شيدي برادري جا سمورا بنيادي مسئلا حل ڪيا ويندا، جڏهن ته تعليم حاصل ڪري نه سگھندڙ برادري جي ماڻهن کي ٽيڪنيڪل سينٽر ذريعي سکيا ڏني ويندي.

تنزيلا امه حبيبه قمبراڻي لعلو رائنڪ ۾ آباد شيدي برادري پاران سندس مان ۾ ڪوٺايل آجياڻي ۾ پهتي، جتي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو.

شيدي برادري جي ماڻهن تنزيلا امه حبيبه قمبراڻي کي گلاب جي گلن ۾ توريندي پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.

ان موقعي تي پ پ ايم پي اي  تنزيلا قمبراڻي آجياڻي کي خطاب ڪندي چيو ته هوءَ شيدي برادري پاران اعتماد ڪرڻ ۽ کيس گلن ۾ تورڻ تي ٿورائتي آهي، لعلو رائنڪ ۾ آباد برادري جيڪا عزت بخشي آهي، اها سدائين ياد رهندي.

هن چيو ته لعلو رائنڪ ۾ آباد شيدي برادري جا سمورا بنيادي مسئلا حل ڪيا ويندا، جڏهن ته تعليم حاصل ڪري نه سگھندڙ برادري جي ماڻهن کي ٽيڪنيڪل سينٽر ذريعي سکيا ڏني ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.