پٽاٽا صحت سان گڏوگڏ سونهن لاءِ به ڪارائتا

 

پٽاٽا عام طور تي استعمال ٿيندڙ ڀاڄي آهي، جڏهن ته انهن بابت خيال ڪيو ويندو آهي ته اهي ڪي وڌيڪ فائديمند نه آهن پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي.

غذائي ماهرن موجب پٽاٽن جي 173 گرام مقدار ۾ ڪيلوريز 161، جڏهن ته وٽامن بي 6، پوٽاشيم، ڪاپر، وٽامن سي، مينگنيز، فاسفورس، فائبر ۽ وٽامن بي 3 جو به جهجهو مقدار موجود هوندو آهي.

صحت جا ماهر فٽنيس يا سخت ورزش ڪرڻ وارن کي به اٻريل پٽاٽا کائڻ جي صلاح ڏيندا آهن، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته پٽاٽا هاڃيڪارنه پر صحتمند غذا آهن.

ٻئي پاسي اها به غلط فهمي آهي ته پٽاٽا کائڻ سان چهري تي موهيڙا ٿين ٿا پر طبي ماهرن موجب ڪنهن به غذا کي ضرورت کان وڌيڪ نه کائجي ته ان جا ڪي نقصان نه آهن.

پٽاٽا ورزش ڪندڙماڻهن لاءِ ڪارائتا آهن، هاضمي جي نظام کي بهتر بڻائن ٿا، جڏهن ته بلڊ پريشر کي توازن ۾ رکڻ لاءِ به مددگار ثابت ٿين ٿا.

پٽاٽي ۾ موجود وٽامن سي جلد کي صاف شفاف ۽ بي داغ بڻائڻ ۾ به مدد ڏئي ٿو، جڏهن ته قدرتي طور تي چهري جي وارن کي بليچ ڪرڻ جو ڪم ڪري ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.