اسان جو مقصد برادري جي ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ آهي: محمد شريف

سکر (رپورٽر) راجپوت بنڌاڻي ويلفيئر ايسوسيئيشن سکر جي صدر حاجي محمد شريف بنڌاڻي چيو آهي ته انسان جي خدمت ڪرڻ سان رب پاڪ خوش ٿيندو آهي. اسان جو مقصد برادري جي ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ آهي. هن اهڙيون ڳالهيون راجپوت بنڌاڻي ويلفيئر سکر پاران ڪوٺايل تقريب دوران خطاب ڪندي ڪيو، تقريب ۾ قاري عبدالوحيد، حاجي مسلم بنڌاڻي، محمد حنيف غوري، عبدالغفار ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته اسان جي جدوجھد جو مقصد برادري سميت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ آهي. سرندي وارن جي تعاون سان راجپوت بنڌاڻي ويلفيئر ايسوسيئيشن سکر پاران ميگا پراجيڪٽ شروع ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ ڪميونٽي هال، هيلٿ ڊسپينسري، فلٽر پلانٽ، اسڪول ۽ نياڻين لاءِ سلائي سينٽر ٺاهيا پيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.