ڪنري ۾ خاصخيلي برادري جو پوليس خلاف ڌرڻو

ڪنري (ت ر) ڪنري ۾ ھڪ ڏينھن اڳ پوليس اھلڪارن پاران مبينا طور چوري جي الزام ۾ اغوا بعد وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻيل پوليس اھلڪار وزير خاصخيلي جي پٽ شاگرد حمزا خاصخيلي جي وارثن نوجوان سان انصاف ۽ پوليس اھلڪارن خلاف ڪيس نه داخل ٿيڻ تي مين ميرپورخاص، ڪنري، جھڏو روڊ تي ڪنري ٿاڻي اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو، خاصخيلي برادري جي عورتن، ٻارن ۽ مردن پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مظاھري جي اڳواڻن رشيد خاصخيلي، مسمات خاتون، ريمان، رسول بخش، شريف ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانھيندي ٻڌايو ته ھڪ ڏينھن پھريان ڪنري ٿاڻي تي مقرر ٻن پوليس اھلڪارن خالد جٽ ۽ عامر جٽ وارن شاگرد حمزا خاصخيلي کي مبينا پسٽل چوري جي الزام ۾ اغوا ڪري مسلسل 10 ڪلاڪن تائين بلاجواز تشدد جو نشانو بڻايو. پوليس واقعي جو ڪيس داخل نٿي ڪري، جوابدار ڌر وارا موتمار ڌمڪيون ڏيئي رھيا آھن ڪير ٻڌڻ وارو ناهي، ھنن الزام ھنيو ته پوليس گھر ۾ گھڙي چاڌر ۽ چوڌيواري جو تقدس پائمال ڪيو، ھاڻ پوليس عملدار نوڪري مان برطرف ڪرڻ ۽ کيس مختلف طريقن سان حراس ڪن پيا، ھنن وس وارين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ملوث پوليس اھلڪارن کي معطل ڪري ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.