پنوعاقل ( ت ر )جي يو آءِ ڳوٺ صالحاڻي جو رھواسي مولانا غلام محمد ڪلھوڙو دل بيھڻ ڪري وفات ڪري ويو،مرحوم جي يو آءِ يونٽ جو امير ھجڻ سان گڏ ڳوٺ ۾ مدرسي جي طالبن کي ديني تعليم پڙھائيندو ھو،مرحوم جي جنازي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو،ھوڏانھون جمعيت جي ڪارڪنن سميت علائقي جي سياسي سماجي مذھبي واپاري اڳواڻن صالحاڻي ڳوٺ تڏئي تي پھچي تعزيت ڪئي،جڏھن ته تعزيتي سلسلو ھلندڙ آھي.