ڊگھڙي (ت ر)ڊگهڙي ۾ زرعي ڀاڻ جي هٿرادوکوٽ ۽ بليڪ تي مهانگي وڪرو ڪرڻ خلاف پ پ شھيد ڀٽو تعلقي ڊگهڙي طرفان سڪندر لنڊ، محبوب لنڊ، اشتياق راجپوت، شوڪت راجپوت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ الله آباد ڪالوني کان ريلي ڪڍي وئي جيڪا پريس ڪلب ڊگهڙي پهتي جتي ريلي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهنکي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڊگهڙي شھر ۾ گذريل ڪافي مهينن کان ڊيلر مافيا زرعي ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري مهانگي اگهھ تي بليڪ تي وڪرو ڪري رهيا آهن هن وقت مارڪيٽ ۾ يوريا جي ٻوري ٽي هزار روپين ۾ وڪرو ڪئي وڃي پئي،هنن چيو ته ڪڻڪ ۽ ٻين جنسن جي پوکي جي ٽائم آبادگارن کي ڀاڻ نه ملڻ ڪري زراعت کي سخت نقصان پهتو آهي، هنن معزز عدالتن،وزير زراعت،ڪمشنر ميرپورخاص ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو ته بليڪ تي ڀاڻ وڪرو ڪندڙ ڊيلر مافيا خلاف قانوني ڪارروائي ڪري آبادگارن کي ڀاڻ جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.