آئي سي  يو حيدرآباد انچارج جو والد لاڏاڻو ڪري ويو

ڄامشورو ( ڊ ر ) پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن سنڌ جي صدر ڊاڪٽر محمد عثمان ماڪو، ڊاڪٽر محمد زمان بلوچ  ۽ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن سنڌ جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر سڄڻ هاليپوٽو طرفان ڊاڪٽر ڪاشف ميمڻ آئي سي يو انچارج حيدرآباد لمس ڄامشورو جي والد پروفيسر محمد سليمان ميمڻ جي وفات تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي تہ اسان هن ڏک جي گهڙي ۾ ڊاڪٽر ڪاشف سان گڏ آهيون ۽ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن ڊاڪٽر ڪاشف ميمڻ سان گڏ آهي.  اسان کي پروفيسر محمد سليمان جي وڇوڙي تي تمام گهڻو ڏک پهتو آهي مرحوم پروفيسر محمد سليمان سٺي طبيعت جو مالڪ هيو ﷲ سائين پوئنرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي ۽ مرحوم جا درجات بلند عطا فرمائي.

  • پڊعيدن لڳ ٽرڪ ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، ٻارڙو فوت، عورت، مرد زخمي

پڊعيدن ( ن ع آ )  پڊعيدن کان فل لنڪ روڊ تي  استاد محرم مبيجو جي ڳوٺ کان ٽرڪ ۽ موٽرسائڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن سبب معصوم ٻار فراز پٽ نثار واسواڻو فوت ۽ اسماعيل واسواڻو ۽ هڪ عورت زينت زخمي ٿي پيا جن کي پڊعيدن پوليس اسپتال منتقل ڪيو ويو,زخمين  مرد ۽ عورت کي نوابشاهه منتقل ڪيو ويو,ٻئي پاسي فوت ٿيل معصوم ٻار جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، پڊعيدن پوليس ٽرڪ کي نصرت ڪئنال چوڪي تي روڪي ورتو

  • گهوٽڪي عباسي محلو چونڊيل نمائندن کان وسري ويو، ڊرينيج ناڪاره

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي جي ڊي سي اسڪول ڀرسان عباسي محلا چونڊيل نمائندن کان وسري ويو ،محلي اندر ڊرينيج سسٽم ڪيتري سالن کان ناڪارا، جڏهن ته محلي جي مک رستي ۾ سي سي پيور نه لڳي سگهيا، جڏهن ته بجلي جو ٽرانسفارمر به گم علائقي واسي سخت تڪليف ۾ ورتل،  ان حوالي سان محلي واسين حافظ خالد حسين عباسي، اعجاز احمد  عباسي، حافظ نعيم الله عباسي، عبدالحئي عباسي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي عباسي محلي کي سياسي بنياد تي مڪمل طور نظر اندار ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري اسان جي محلي جو ڊرينيج سسٽم ڪيتري عرصي ناڪارا بڻيل آهي جنهن ڪري گندو پاڻي گھٽين ۾ بيٺل آهي، جنهن ڪري اسان سخت تڪليف ۾ ورتل آهيون , هنن چيو ته اسان جي پاسي ۾ سي سي پيور لڳرايا ويا آهن پر اسان جي مک روڊ سي سي پيور کان محروم بڻيل آهي، هنن چيو ته محلي جو ٽرانسفارمر منظور ڪرائي آيا آهيون پر ٽرانسفارمر نه ملڻ ڪري هن جديد دور ۾ انڌيري ۾ گذاريون پيا،  هنن چيو ته اسان جي محلي کي چند سياسي ماڻهن جي چوڻ تي نظر انداز ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي محلي واسين سنڌ  سرڪار ، هتان جي چونڊيل نمائندن کان گهر ڪئي ته اسان جي محلي اندر بنيادي سهولتون ڏيئي تڪليفن کان بچايو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.