ٿر پوليس جي 3 منشيات فروش پڪڙڻ جي دعويٰ

مٺي(بيوروچيف)ٿر پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪاروايون،85 ليٽر ڪچو ٺرو ۽ 60 گرام چرس هٿ،3 ڄڻا گرفتار،ڪيس داخل، خبرموجب:ايس ايس پي ٿرپارڪر حسن سردار نيازي جي هدايتن تي ٿر پوليس پاران منشيات فروشن خلاف ڪاروائي ڪري 85 ليٽر ڪچو ٺرو ۽ 60 گرام چرس هٿ ڪري 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،اُنهي سلسلي ۾ ايس ايس پي جي پي آر او پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب اسلام ڪوٽ ڀرسان ايس ايڇ او جهانگرو پاران اطلاع تي ڪاروائي ڪندي ٺري جي بٺي تي ڇاپو هڻي 65 ليٽر ڪچو ٺرو هٿ ڪري جوابدار چهنو ڀيل کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو،ٻي پاسي ايس ايڇ او اسلام ڪوٽ پاران هڪ اطلاع تي ڪاروائي ڪندي جوابدار سوائي سنگھ کي 10 ليٽر ٺري سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو،ايس ايڇ او مٺي ڪاروائي ڪندي ٻن جوابدارن سوائي ٺڪر ۽ راجيش ڪمار کي 10 ليٽر ڪچي ٺري ۽ 60 گرام چرس ۾ گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.