ميهڙ لڳ اهلڪار باهه ۾ سڙي زخمي، ڪراچي منتقل

ميھڙ (س ر ) ميهڙ لڳ شاهه پنجو ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪندڙ پوليس جمعدار عبدالوحيد چانڊيو پنھنجي ئي گھر ۾ گئس واري چولھي مان ھٿ سيڪيندي باھ لڳڻ سبب سڙي سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي وارثن پاران نازڪ حالت ۾ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو آھي ڊاڪٽرن موجب نوجوان جو پورو جسم باه لڳڻ سبب متاثر ٿيو آھي زخمي نوجوان جي ويجھي عزيز نادرا ميھڙ جي آفيسر محمد حسن چانڊيو ٻڌايو تہ گذريل رات عبدالوحيد چانڊيو ڊيوٽي تان واپس گھر پھتو ته سردي سبب گئس واري چولھي تي ھٿ سيڪي رھيو ھو ته اچانڪ ڪپڙن کي باه لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو آھي جنھن کي حيدرآباد اسپتال ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪرايو ھو ۽ ڊاڪٽرن پاران ڪراچي ريفر ڪيو آھي ۽ سندس صحت ۾ ڪجھ بھتري آئي آھي ھن ٻڌايو ته نوجوان عبدالوحيد چانڊيو شاه پنجو ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪندڙ آھي ۽ سندس گھر سيتا ۾ آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.