قلندر جي نگري ۾ بدامني، هڪ هفتي ۾ 7 موٽر سائيڪلون ڦر

سيوھڻ(ن ع آ) صوفي بزرگ حضرت لعل شھباز قلندر جي امن واري نگري سيوھڻ شھر ۾ چورين، ڌاڙن، ڦورن جون وارداتون گھٽجي ناھن سگھيون ۽ ھڪ ھفتي اندر شھر جي مختلف ھنڌن تان ون ٽو فائيو سميت 7 موٽر سائيڪلون چوري ۽ ڦر ڪيون ويون آھن جڏھن ته سيوھڻ شھر ۾ امن امان جي بگڙيل صورتحال کي ٻنجو ڏيڻ لاء 4 مھينن جي اندر 3  ايس ايڇ او بدلي ڪيا ويا پر ڏوھن روڪڻ ۾ پوليس پاران ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگھي آھي. ٻئي طرف ھڪ ھفتو اڳ ڊي آئي جي حيدرآباد پاران مقرر ٿي آيل نئين ايس ايڇ او سيوھڻ انسپيڪٽر صغير احمد مغيري به امن ڪرائڻ بدران سندس سان گڏ آيل گارڊ حاجي عرف( بٽڻ) سول ڊريس پھريل ٽن اھلڪارن سان گڏجي شھر اندر ڪيبنن، دوڪاندارن، ريڙھي وارن کي زيڊ ايڪيھ سوپاريون رکڻ جي تلاشي وٺڻ واري بھاني سان سندن رکيل رقم کڻڻ سان گڏ ڪجھ دڪاندارن کي سوپاريون رکڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري ٻڌي ڇوڙي بھاني ان عمل کي روزانو جي بنياد تي لکين روپيا ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آھي ان سلسلي ۾ شھرين دوڪاندارن غفور کوسو، نياز ملاح، ضمير، خدابخش ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته سيوھڻ امن جي نگري آھي پر ھاڻ بدامني جي باھ پکڙجي وئي آھي جڏھن ته ھڪ بنا پوليس اھلڪار جي ايس ايڇ او سيوھڻ جو گارڊ سڏائيندڙ  حاجي عرف بٽڻ آھي جيڪو زبردستي روزانو جي بنياد تي ڌمڪائي ٿو ته اوھان سوپاريون ٿا کپايو ۽ پوء ڪنھن وٽ آھن يا ناھن انھن کي پڪڙي ٿاڻي تي وٺي ھزارين روپيا وٺڻ بعد آزاد ڪري ٿو. ھنن آئي جي سنڌ ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته پوليس کي بدنام ڪندڙ اھڙن عناصرن جو نوٽيس وٺي ايس ايڇ او سيوھڻ خلاف ڪاروائي ڪري شھر مان چوري ٿيل موٽر سائيڪلون واپس ڪرائي امن وامان کي يقيني بڻايو وجي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.