سلطان ڪوٽ ۾واپاري جي گودام کي باهه

سلطان ڪوٽ (ن ع آ)سلطان ڪوٽ ۾ پلال جي واپاري جي گودام کي باهه وڪوڙي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ واپاري ضمير شاھه، خادم ماڇي ۽ فتح محمد کوسو جا پنج ھزار کان مٿي گودام ۾ رکيل پلال جا بنڊل سڙي خاڪ ٿي ويا. ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي متاثر واپارين عوامي آواز کي ٻڌايو ته خبر ناهي ته باهه ڪيئن لڳي، ٿڏي تي اطلاع باوجود مقامي فائر برگيڊ عملو نه پهتو، شڪارپور مان عملو گهرائي باهه تي ضابطو آندو وڃي، فائر برگيڊ عملو دير سان پهچڻ سبب لکن جو نقصان ٿيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.