ٽنڊو آدم ( ن ع آ ) ٽنڊو آدم پوليس جي ڪاروائي 2 ڄڻا گرفتار 2 پسٽل ۽ گوليون هٿ ڌار ڌار ڪيس داخل رپورٽ موجب ٽنڊو آدم سٽي پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪاروائي ڪري ٻن ڄڻن عباس پنهور ۽ سليم شيدي کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان بغير لائسنس وارا 2 پسٽل ۽ 9 گوليون برآمد ڪرڻ جي دعوا ڪئي آھي گرفتار ٿيل ٻنهي ڄڻن تي سنڌ آرمس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.