سرحد پوليس جي ڪارروائي، گهربل ڏوهاري گرفتار

گهوٽڪي ( ڊ ر ) سرحد پوليس ڳوٺ ايوب لکڻ وٽ ڪاروائي ڪري قتل سميت مختلف ڪيسن ۾ گهربل جوابدار نثار احمد عرف اربيلو بُلو کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس پاران جاري ڪيل بيان موجب گرفتار جوابدار اربيلو بلو پوليس کي سنگين ڪيسن ۾ گهربل هو جنهن کي مقابلي بعد گرفتار ڪيو آھي، جڏهن ته گرفتار ڪيل جوابدار کي سرحد ٿاڻي تي لاڪپ ڪيو ويو.

  • ڄامشوري ۾ٻن ڄڻن تي جهيڙي جو ڪيس داخل

ڄامشورو (ڊ ر ) ڄامشوري ۾ ٻن همراهن ۾ مبينا جهيڙو لتن مڪن جو وسڪارو، شهرين کي ڇڏائي ورتو، جهيڙي بعد سوسائٽي واسي همراهه طيب اقبال جٽ ڄامشوري ٿاڻي تي پهچي ڪيس داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته منهنجي اڳ ۾ سالار مهر سان منهن ماري ٿيل هئي جيڪو موتمار ڌمڪيون ڏئي ويو جنهن بعد مان پنهنجي دوست الهڏنو راهمون سان شهر مان سامان وٺي اسٽاف تي بيٺو هئس ته ڪار نمبر ART 894 اچي بيٺي جنهن مان سالار مهر ۽ هڪ نامعلوم لٿا سالار پسٽل ڪڍي مون کي گارگند ڪندي مٿي منهن ۽ جسم تي پسٽل جا ڌڪ هڻي زخمي ڪيو شهرين جي پهچڻ تي هو ڪار ۾ چڙهي ڪوٽڙي طرف فرار ٿي ويا ٿاڻي تي حاضر ٿي ڪيس داخل ڪرايو آهي ته علاج لاء ليٽر ڏئي واقعي جي جاچ ڪرا جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، الزام هيٺ آيل همراهه سالار مهر کي پوليس گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ملڪ رياض ٻڌايو ته ڏيتي ليتي تان ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو آهي گرفتار همراهه فراڊي آهي مختلف ڌرين سان فراڊ ڪيو آهي هن ڪيس کي سنڌيونيورسٽي حراسمينٽ ڪيس سان ڳنڊيو پيو وڃي جڏهن ته ڪيس ۾ اهڙو ڪوبه ذڪر ناهي گرفتار همراهه يونيورسٽي شاگرد به ناهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.