رتيديري ۾ بدامني، ڦرون روز جو معمول، مينهن چوري، ڳوٺاڻن جو احتجاج

رتوديرو ( رپورٽ: طفيل ساريو ) وارث ڏنو ماڇي ٿاڻي جي حد ۾ چورين ۽ ڦرين جون وارڌاتون روز جو معمول بڻجي ويون آهن، گذريل رات نامعلوم چور وارثڏنو ماڇي ڳوٺ جي صحافي نورالدين سولنگي جي گهر مان ڀلوڙ مينهن چوري ڪري ويا، اهڙي واقعي جو وارث ڏنو ماڇي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، پر  پوليس پنهنجي روايتي سستي جو مظاهرو ڪندي دير سان پهتي ڳوٺاڻن ڀاڳين جي مدد سان پيرا کنيا جيڪي ڳڙهي ياسين تعلقي جي گولي دڙي واري علائقي ۾ گم ٿي ويا آهن جڏهن ته وڌندڙ بدامني سبب علائقي واسي سخت پريشان آهن، پوليس امن ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي، چوري سبب وارث ڏنو ماڇي جي صحافين ۾ تاءُ پکڙيل آهي، ڳوٺاڻن وڌندڙ بدامني خلاف رتوديرو _ وڏا ٻوسڻ مين روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن لعل ماڇي ، مامو شير ماڇي ، منصور علي ماڇي ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو آھي ته وڌندڙ بدامني سبب علائقي واسي سخت پريشان آهن پوليس امن ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي، چوريون ۽ ڦريون روز جو معمول بڻجي ويون آهن، جنهن سبب علائقي واسي پاڻ کي غير محفوظ سمهجي رهيا آهن ڊي آءِ جي ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو معاملي جو نوٽيس وٺي چوري ٿيل مينهن واپس ڪرائي ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.