اڏيري لال ۾ غريبن لاءِ آيل سستو اٽو دڪانن تي وڪرو

اڏيرولعل وليج (ن ع آ)اڏيرولعل شهر ۾ هول سيلرن کي ضلعي حڪومت طرفان مليل ڏھ ڪلو اٽي واريون ٿيلهيون عام ماڻهن بداران مخصوص ماڻهن کي ڏنيون وڃن ٿيون.اڏيرولعل شهر واسين جي دڪاندارن خلاف انڪوائري جي گهر . تفصيل موجب : اڏيرولعل شهر ۾ ضلعي حڪومت طرفان هول سيل دڪاندارن کي مليل ڏھ ڏھ ڪلو واريون اٽي جون ٿيلهيون اڏيرولعل جي هول سيلرن طرفان ڪجھ ٿيلهيون من پسند ماڻهن کي ڏئي باقي ٿيلهيون کوليو ڪٽا ڀري عوام کي 75 روپيا ڪلو وڪڻڻ لڳا.ان موقعي تي اڏيرولعل جي رهواسين مبارڪ قمبراڻي,وسيم شيخ,منٺار شيخ,نويد قمبراڻي ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته اڏيرولعل جي عوام لاء ضلعي حڪومت طرفان مليل ڏھ ڏھ ڪلو اٽي جون ٿيلهيون جيڪي آٽا چڪي پاران عوام کي 550 روپين ۾ في ڏھ ڪلو جي ٿيلهي ڏيڻي آهي پر اڏيرولعل جا هول سيلر ڪجھ ٿيلهيون پنهجي من پسند ماڻهن کي ڏئي باقي ٿيلهيون ڏينهن ڏٺي جو ويهن منٽن اندر  کوليو ڪٽا ڀريو عوام کي 75 روپيا في ڪلو جي حصاب سان وڪرو ڪيو ويندو آهي سو اسين ڊپٽي ڪمشنر مٽياري ۽ ٻين وسوارن کي پرزور اپيل ٿا ڪريون ته اڏيرولعل شهر اٽي جواسٽال لڳائي جتي اڏيرولعل جي عوام کي سستو اٽو مهيا ڪيو وڃي ۽ هتي جي هولسيلرن خلاف انڪوائري ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.