ڀيرو مل اداسي جي ورسي، سنڌ ڪاري دور مان گذري پئي: ارباب ڀيل

مورو  ( ت ر ) جسقم آريسر طرفان ڀيرو مل اداسي جي ٻئي ورسي تقريب ڪوٺائي وئي،سڄي سنڌ مان قومي ڪارڪنن جي شرڪت،سندس سنڌ لائي ڪيل ڪوشش تي آيل اڳواڻن روشني وڌي،وڏي تعداد ۾ قومي ڪارڪنن،سياسي سماجي علمي ادبي،شھرين ھر مقطبي فڪر سان تعلق رکندڙ شھرين شرڪت ڪري زبردست لفظن سان ڀيٽا پيش ڪئي،تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ،جسقم آريسر جي مرڪزي وائيس چيئرمين،ارباب ڀيل، سرمد ميراڻي، اشرف لغاري، ساجن ڪمار،ملوڪ کوسو،خادم چانڊيو،جئي سنڌ محاذ جي ھاشم کوسو، جئي سنڌ تحريڪ جي سورھيه سنڌي،انور بڙدي،ايس يو پي جي اسلم ڪورينچو،ياسين سومرو،ايس ٽي پي جي عزيز ڪورائي،جاني مورائي،جسقم بشير خان جي جڳديش ڪمار،قربان ڇڄڙو،ظفرالله ٻگھيو،قومي اڳواڻ شنڪر لال،راجا جي ايم ڪورائي،سڪندر ڪورائي،نعيم پيرزادو،اسلم حب،ساحل ڪيريو،اختر لغاري سميت وڏي تعداد ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي،ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ غلامي جي بدترين ڪاري دور مان پئي گذري، اردو ڳالھائيندڙ سنڌ جو اڻ ٽٽ حصو آھن،اردو آبادي نسلي سياست ڪندڙن کان لاتعلق بڻجي ٻاھر نڪري اچن،سنڌ جا گھڻ گھريا وطن دوست سڄڻ ۽ دشمن جي پرک ڪن،آخر ۾ آيل مھمانن کي پڻ نگر ڪرايو ويو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.