ڪوٽڏيجي ۾بدامني، موٽر سائيڪل ڦر، مزاحمت تي زخمي

ڪوٽڏيجي (ن ع  آ) ڪوٽڏيجي پوليس بدامني تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام چوري ڦورو روز جو معمول بڻيل  سم نالي لنڪ روڊ  لڳ ڳوٺ دڙي لنجواڻي وٽ  نامعلوم ڦورن ڳوٺاڻي پورهيت بادل مينگهواڙ کان  سي ڊي موٽر سائيڪل 2022  ماڊل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش مزاحمت ڪرڻ تي پورهيت ڳوٺاڻي تي تشدد ڪندي موٽر سائيڪل ڪاهي فرار ٿي ويا ان سلسلي ۾ پورهيت احتجاج ڪندي ٻڌايو ته مان ڪوٽبنگلو شھر کان ڳوٺ وڃي رهيو هئس ته 2 نامعلوم ڦورن هٿيارن جي زور تي اڳ ڏئي موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي منهنجي رڙيون ڪرڻ تي مون کي تشدد جو نشانو بڻائي موٽر سائيڪل ڪاهي فرار ٿي ويا هن ايس ايس پي خيرپور کان گهر ڪئي ته نوٽيس ڦر ٿيل موٽر سائيڪل واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.