مبارڪپور ۾ عورت تي ڪارنهن الزام، تشدد، ٿاڻي پهتي

مبارڪپور ( ن ع آ )  مبارڪپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ جھنگل ڪٽو ۾ عورت بيگم خاتون پنهنجي  مڙس مشتاق ڪٽو، ڏيرن ۽ سهري جي ظلمن کان تنگ ٿي ٿاڻي تي پهتي، جتي عورت صحافين کي ٻڌايو ته منهنجو مڙس بناجواز مون مٿان پنهنجي ڀائرن سان گڏجي  روز به روز سخت تشدد ڪندو آهي ۽ ڪارنهن جو ڪوڙو الزام مڙهي مارڻ چاهي پيو. جنهن تي مان پنهنجو گهر ڇڏي ٿاڻي تي پناهه ورتي آهي، جنهن تي مبارڪپور پوليس عورت کي سول ڪورٽ جيڪب آباد پيش ڪيو. جتي عورت عدالت ۾ جج اڳيان بيان ڏيندي چيو ته مون کي منهنجو مڙس ڪارنهن جي ڪوڙي الزام هيٺ  مارڻ چاهي پيو جنهن تي مون پنهنجو گهر ڇڏي پناهه لاءِ ٿاڻي پهتس هاڻي مون کي ڪنهن به مٽ مائٽ يا پيءُ  ماءُ  جي حوالي نه ڪيو وڃي ڇو ته اھي مون کي مارائي ڇڏيندا. عورت جي اھڙي بيان بعد عدالت عورت کي  دارلامان اماڻڻ  جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جنهن تي مبارڪپور پوليس عورت کي دارلامان حوالي ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.