لاڙڪاڻي ۾هٿيارن جي زور تي دڪاندار يرغمال، هزارين رپيا ڦر

لاڙڪاڻو( ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد نوان تڪ پاڙي ۾ نامعلوم هٿياربندن آٽوز جي دڪان تي ڪاهه ڪري آٽوز مالڪ ونيش ڪمار کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي کانئنس 80 هزار روپيه روڪ رقم ڦر ڪري آسانيءَ سان فرار ٿي ويا، اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان موقعي تي متاثر دڪاندار ونيش ڪمار صحافين کي ٻڌايو ته آءُ معمول موجب پنهنجي آٽوز جي دڪان تي ويٺو هيس ته موٽرسائيڪل سوار ٽن هٿياربندن دڪان ۾ گهڙي مون کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي 80 هزار روپيه روڪ رقم ڦر ڪري آسانيءَ سان فرار ٿي ويا اهڙو اطلاع پوليس کي ڏنو پر پوليس هن وقت تائين ڏوهارين خلاف ڪا به ڪاروائي ناهي ڪئي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته هٿياربند ڦورن کي گرفتار ڪري پئسا واپس ڏياري تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ان حوالي سان دڙي ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي جو اطلاع ملڻ بعد آٽوز جي دڪان تي هنڌ پهچي تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي تمام جلد ڦورن کي گرفتار ڪري پئسا واپس ڪرايا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.