ٺٽي واسي نوجوان 3 ڏينهن کان گم، وارث پريشان

ٺٽو(ڊر) ٺٽي ويجھو بگھاڙ موري جو رھواسي 18 سالا نوجوان يامين شورو ولد ولي محمد شورو گذريل 3 ڏينھن کان ٺٽي شھر مان پراسرار نموني گم ٿي وڃڻ ڪري سندس وارث سخت پريشان آھن، گم ٿي ويل نوجوان يامين شورو جي وارثن موجب ھو 3 ڏينھن اڳ ٺٽي شھر آيو ھو جتان واپس گھر ناھي پھتو، سندس گھڻي ڳولا ڪرڻ باوجود سندس ڪٿان به ڪو ڏس پتو پئجي ناھي سگھيو، ھنن کيس اغوا جو شڪ ڏيکاريندي وس وارن کي سندس ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.