ڪوڙو چيڪ ڏيڻ تي ڪنري جي واپاري کي سزا

ڪنري (ت ر)ڪنري جي واپاري مصور احمد جٽ پاران سال 2021 جي پھرين جنوري تي واپاري خالد آرائين خلاف مرچن جي سوڌي جا 70 لک روپين جا ڪوڙا چيڪ ڏيڻ جو ڪيس ڪنري ٿاڻي تي داخل ڪرايو ھو، جنھن کي بعد ۾ ڪنري پوليس ڪيس کي بي ڪلاس ۾ نيڪال ڪري ڇڏيو، فريادي پاران پنھنجي وڪيل اسلم نفيس معرفت سول ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ھئي، جنھن جي سول ڪورٽ ٻيھر ڪيس کي بحال ڪيو. ڪيس جي گذريل ڏينھن سول ڪورٽ ڪنري ۾ ٻڌڻي ٿي، جتي سول جج زاھد حسين مغيري جي عدالت جوابدار واپاري خالد آرائين تي ڪوڙا چيڪ ڏيڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي اڍائي سال سزا ۽ 30 ھزار روپيا ڏنڊ ٻڌائي ڇڏي جڏھن ته ڏنڊ نه ڏيڻ جي صورت ۾ وڌيڪ 6 مھينا قيد جي سزا ڪاٽيندو، عدالت پاران سزا ٻڌائڻ بعد ڪنري پوليس جوابدار کي ڪورٽ جي احاطي مان گرفتار ڪري کيس سب جيل ميرپورخاص اماڻي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.