صوفي شاهه عنايت هارين سان ظلم خلاف آواز اٿاريو: انور پنهور

شھدادڪوٽ (رپورٽ : ثمر رفيق ڀٽي ) شھدادڪوٽ ۾ سنڌ سيڪيولر اسٽڊي فورم طرفان صوفي شاهه عنايت شهيد جي شھادت ڏھاڙي جي حوالي سان "سوشلسٽ شھيد صوفي شاهه عنايت ڪانفرنس” سڏائي وئي جنهن ۾ مختلف سياسي، سماجي، شھري تنظيمن جي اڳواڻن، سڄاڻ شھرين ۽ عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي, ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي پاڪستان ٽريڊ يونين ڊفينس ڪمپين جي صوبائي صدر انور پنھور چيو ته صوفي شاهه عنايت شهيد 3 صديون اڳ جو کيڙي سو کائي جو فڪر ڏيڻ سان گڏ اُن نظرئي تي عمل به ڪرايو. سندس ھارين لاءِ جوڙيل پنچائت ڪمال جي ھئي. ھن ھارين سان ٿيندڙ وڏن ظلمن خلاف آواز اٿاريندي جاگيردارن جي ذاتي ملڪيتن تي ھارين جي حق وارو عظيم فڪر ڏنو. سنڌ اندر اڄ به شاھه عنايت جو فڪر ثانوي حيثيت رکي ٿو. سنڌ ۾ فڪر ۽ ڏاھپ جي اڃا به کوٽ برقرار آهي پر شاھه عنايت جو فڪر اڄ به مسئلن جي نجات آهي، ڇاڪاڻ ته ھينئر به ھتي زرعي نه پر سرمائيداراڻو نظام آهي، زراعت به ان جي اثر هيٺ اچي وئي آهي. سنڌ سيڪيولر اسٽڊي فورم جي صدر ۽ پورهيت اڳواڻ ڪامريڊ عرس سيلرو چيو ته صوفي شاهه عنايت شهيد جي ھارين لاءِ ڏنل فلسفي وڏو اُتساھه ڏنو جنهن ذريعي شعور ۽ جدوجهد ۾ اضافو ٿيو. پورھيتن ۽ ھارين لاءِ اسان سڀني کي گڏجي جدوجهد ڪرڻ گهرجي جيڪا انقلاب آڻي سگهي ٿي. انساني حقن جي اڳواڻ ڪامريڊ وھاب پندراڻي چيو ته شاهه عنايت شھيد جي انقلابي جدوجهد بي مثال ھئي، ھن جي جاگيرداراڻي سماج خلاف بغاوت نئون سج اُڀاريو، ھارين کي جو کيڙي سو کائي وارو رستو ڏنو ۽ بنا ڪنهن رنگ ۽ نسل جي متحد ڪيو جيڪو برابري ۽ حق واري آواز کي بلند رکڻ جو گسُ آهي. جهوني سياسي اڳواڻ فضل حيدري چيو ته مزدور ۽ ھاري جي اھميت ھر دور ۾ اڳڀري رهي آهي جن جي اتحاد سان ئي ماضيءَ ۾ انقلاب ممڪن ٿيو. خبر ناهي ڇو 70 ورھين کان پاڻ غلامي ۾ گذاري رهيا آهيون؟  شاهه عنايت شهيد جي جو کيڙي سو کائي واري نعري تي به عمل نه ڪرائي سگهيا آهيون. اسان زندهه ھوندي به مُئلن جيان آھيون. ڪانفرنس کي حمل خشڪ، رستم جمالي، ديدار سومرو، قادر بخش سيلرو، عبدالرئوف لانگاهه، استاد شمن ابڙو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏهن ته گل محمد غيباڻو، عبدالفتاح مگسي، عبدالوھاب بوجاڻي ۽ ٻين سگهڙن انقلابي شاعري پيش ڪري واھه واھه ڪرائي ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.