صالح پٽ ۾ پلاٽ تي قبضو، متاثرن جو عورتن سميت سکر ۾ احتجاج

سکر( رپورٽر) گھر جي پلاٽ تي قبضي خلاف اوڏ برادري جي متاثر عورتن ۽ مردن جو سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ان سلسلي۾ سکر جي علائقي ٿاڻي صالح پٽ جي حد ديھه کبڙي بھٽ جي رھواسي اوڏ برادري جي عورتن ۽ مردن مير چند، ارشاد مل، اربيلو مل، راجيش اوڏ، سورٺ خاتون، لڇمي مائي، شاھدہ خاتون ۽ ٻين سکر پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪندي صحافين آڏو دانهيندي چيو آهي ته علائقي جي نيڪ مرد مرحوم درياءُ خان ڀنڀرو. کان 2013 ۾ پنجويهه ويسا پلاٽ خريد ڪيو هو جنھن جا ھڪ لک سٺ ھزار روپين ۾ ورتو ھيو جنھڻ تي اسان جو گھر ٺھيل آھي ھنن ٻڌايو ته ھينئر ان جو پٽ وڏيرو ملوڪ ڀنڀرو ۽ ٻيا قبضو ڪري ويٺا آهن ھنن چيو ته اسان جي گھر تي قبضو ڪري ويٺل آھي ھنن اعليٰ اختيارين کان اپيل ڪئي آهي ته معامري جو نوٽيس وٺي کين قبضو ڪيل زمين ڇڏائي ڏئي کين تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.