لمس اسپتال جي نرسز جو وظيفو نه ملڻ خلاف ٻئي ڏينهن به احتجاج

ڄامشورو( ڊ ر  ) لياقت ڪاليج آف نرسنگ ڄامشورو ۾ ميڊيڪل سان لاڳاپيل مختلف ڪورس ڪندڙ شاگردياڻين کي گذريل ست مهينن کان وظيفو نه ملڻ خلاف شاگردياڻين پاران ٻئي ڏينھن به ٻانهن تي ڪارويون پٽيون ٻڌي سخت نعري بازي ڪندي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو, ان موقعي تي شاگردياڻين جو چوڻ هو ته گذريل 7 مهينن کان وظيفو جاري نه پيو ڪيو وڃي جنھن سبب سخت پريشاني مان گذري رهيون آهيون ۽ بغير وظيفي جي تعليم جو خرچ به پورو نٿيون ڪري سگهون, هنن چيو ته ڪاليج انتظاميا وٽ ڪيترائي ڀيرا وظيفي جو مسئلو حل ڪرڻ لاء ويون آهيون پر انهن وظيفي واري مسئلي تي مسلسل ڪن لاٽار ڪئي آهي جنهن ڪري مجبور ٿي احتجاج جو رستو اختيار ڪيو آهي, هنن مطالبو ڪيو آهي ته رهيل ست مهينن جو وظيفو ڏئي بيچيني ختم ڪئي وڃي.هوڏانهن شاگردياڻين پاران ڪاليج جي مک گيٽ کان ٻاهر روڊ تي احتجاج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڪاليج جي سڪيورٽي گارڊن کين ٻاهر نڪرڻ نه ڏنو جنهن بعد شاگردياڻيون مک گيٽ جي اندران ئي مطالبن جي مڃتا لاء سخت نعري بازي ڪنديون رهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.