خيرپور ۾ سهانا اڄڻ معاملو، ماءُ ميڊيا اڳيان اچي وئي، اغوا ڊرامو قرار

خيرپور(ڊ ر )خيرپور پنجھٽي ذوالفقار ڪالوني جي رهواسي مسمات ريحانه اڄڻ ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو منھنجو پيءُ ۽ ڀائر منھن کي بليڪ ميل ڪندا رھن ٿا منھنجي ڌئ سوھانا اڄڻ کي پاڻ وٽ قيد ڪري مون  کان پئسن جي بار بار گھري رهيا آهن ۽ هو مون کي تنگ پيا ڪن مان مجبور پنھجي نياڻي خاطر پئسا ڏيندي رھيس منھنجي ڌئ سوھانا کي واحد بخش اڄڻ، ۽ منھنجا ڀائر فرمان علي،شان اڄڻ ڌمڪائي حراسا ڪن ٿا جن اڳ۾ به مون کي بليڪ ميل ڪري مون کان 7 لک  روپيا روڪ رقم ٻه تولا سون وٺي ويا ھئا ۽ مون کي چيو هو اسان تون کي ڌيءَ سوهانه توھان کي واپس ڪري ڏينداسين ،جيڪڏهن اوهان پيسا نه  ڏيندي ته اسان ٻين کي پئسن عيوض وڪرو ڪنداسين  اسان جي مٿان ڪوڙا ڪيس ۽ ميڊيا تي اجائي وائي ويلا ٿا ڪن ٿا منھنجو مڙس بشير راجپوت ۽ منھنجو سھرو نظير راجپوت ھڪ شريف ۽ خانداني ماڻھون آھن انھن جي مٿان انهن جي خلاف ڪوڙا من گهڙت الزام هڻي ڌيءَ کان ڪوڙو بيان ڏياريو آهي ته اسان سوھانا کي اغوا ڪري رهيا آهيون،جيڪو سڄو ڊرامو آهي، هن مطالبو ڪيو ته سندس ڌيءَ واپس ڪرائي بليڪ ميلرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.