پ پ عوامي پارٽي آهي: محمد ياسين آرائين

سکر (رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي يوسي 13 جي اڳوڻي چيئرمين محمد ياسين آرائين چيو آهي ته پيپلزپارٽي جو منشور آهي ته عوام جي خدمت ڪئي وڃي، پ پ عوامي پارٽي آهي، غريبن ۽ مظلومن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن اهڙيون ڳالهيون يوسي 13 جي مختلف وارڊن ۾ صفائي سٿرائي جي ڪم جي نگراني دوران ڳالهائيندي ڪيون. ياسين آرائين چيو ته پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي پارٽي جا ڪارڪن ۽ ذميوار ڏينهن رات عوام جي خدمت ڪري رهيا آهن. غريب عوام کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو.

  • ڏوڪري ۾ پ پ سٽي جي جوائنٽ سيڪريٽري جي ڏاڏي لاڏاڻو ڪري وئي

ڏوڪري ( ن ع  آ ) پ پ سٽي ڏوڪري جي جوائنٽ سيڪريٽري نثار احمد جتوئي جي ڏاڏي بيماري سبب لاڏاڻو ڪري وئي مرحومہ کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو هوڏانهن مرحومه جي پونئيرن سان تعزيتن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ پ پ سٽي صدر قاضي جميل احمد جوڻيجو، رياض حسين ڀٽو، ڊاڪٽر محمد عثمان کوکر، شهمير علي ميراڻي، رستم گاڏهي، عبيدﷲ جوڻيجو، انور چنو، الطاف حسن ڪولاچي، ايڊووڪيٽ قاضي ديدار علي، علي بخش ميتلو، علي بخش پٺاڻ، قاضي فريد ۽ ٻيا تڏي تي پهچي مرحومه جي پونئيرن سان تعزيت ڪري ڏک جو اظهار ڪيو.

  • ٽنڊو باگو  جي لائبريري ۾ ڪتابن جي کوٽ، سنڌياڻي تحريڪ پاران 15 سئو ڪتاب ڏيڻ جو اعلان 

ٽنڊو باگو (ت ر )ٽنڊو باگو ۾ سندياڻي تحريڪ طرفان مير غلام محمد خان ٽالپر لائبريري ۾ شهرين ۽ سماجي اڳواڻن سان ڪتابن جي کوٽ بابت گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ ڪائنات حڪيم هاليپوٽو طرفان مير غلام محمد خان ٽالپر لائبريري  لاء 15 سئو ڪتاب ڏيڻ جو اعلان ڪيو انهي موقعي تي سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ ڪائنات حڪيم هاليپوٽو خطاب ڪندي چيو ته اسان وٽ سند ۾ تعليم جو هٿرادو ٻيڙو ٻوڙيو ويو آھي اسان وٽ تعليم تمام گھٽ آھي اڄَ جو نوجوان تعليم کان وڌيڪ نشي ڏانهن ديان وڌائي رهيو نوجوانن وٽ تعليم ناهي جنهن جي هو خودڪشين ڪرڻ تي مجبور آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.