ڳڙهي ياسين ڀرسان جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي

ڳڙهي ياسين (ن ع آ) ڳڙهي ياسين ڀرسان دلاور معرفاڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪجلو جعفري ۾ جعفري ۽ ناريجا برادري جي ماڻهن ۾ مال جي ڀيل تان جهيڙو ٿي پيو ، جعفري برادري جي ماڻهن ناريجا ڌر جي ماڻهن مٿان لٺين سان حملو ڪري ڏنو ، حملي سبب ناريجا ڌر جا درويش غلام حيدر ناريجو۽ گلاب سخت زخمي ٿي پيا ، جنهن کي برادري جي ماڻهن اسپتال پهچايو ، هوڏانهن ناريجا برادري جي ماڻهن غلام نبي ، گلاب ، يار محمد ، علي دوست ناريجو ۽ ٻين پريس ڪلب ۾ دانهيندي چيو ته جعفري برادري جي ماڻهن ڏاڏو جعفري ، بقا محمد جعفري جن جي ڌرين اسان جي درويش غلام حيدر کي لٺين سان حملو ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي بچائڻ لاءِ پهتاسين ته اسان مٿان به لٺين ۽ سروٽن سان حملو ڪري ڏنو ، هنن چيو ته اسين پورهيت آهيون ڪنهن سان به دشمني نه آهي ، هنن چيو ته دلاور ٿاڻي جي پوليس اسان جي مدد ڪري حملي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ اسين ڪورٽ سڳوري جو دروازو کڙڪائينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.