دادو ويجهو نگينا قتل ڪيس معاملو، جوابدار ڌر جو احتجاج

دادو( ڊ ر ) ڳوٺ ٽڳا جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي 9 ڪلاس جي نگينا ڌيءِ روشن علي چانڊيو ڳوٺ محب جوڻيجو جي رهواسڻ جي قتل واقعي جي الزام هيٺ آيل ٽڳا واسي ملاح برادري سان تعلق رکندڙ جوابدار ڌر جي عورتن ۽ مردن هٿن ۾ پاڪ ڪتاب کڻي دادو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ۾مظاهرو ڪندي سنڌ ملاح فورم جي اڳواڻ مير نواز ملاح ۽ الزام هيٺ آيل ڌر جي شاهد ملاح،سڪندر ملاح،ملهار ملاح،منٺار ملاح،ياسين ملاح،زوهيب ملاح سميت عورتن ۽ معصوم ٻارڙن دانهيندي چيو ته نگينا چانڊيو قتل ڪيس ۾ کين ناحق ڦاسايو پيو وڃي اسين بيگناهه آهيون جاچ ڪري شاگردياڻي نگينا چانڊيو جي خون جا اصل جوابدار گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. واضع رهي ته نگينا چانڊيو جو پوليس اسٽيشن راڌڻ جي حد ۾ ڳوٺ ڪوٺي کوکر ڀرسان پلال مان لاش مليو هو جنهن جو الزام ملاح برادري جي ماڻهن تي لڳو ۽ اهڙو ڪيس سيتا روڊ ٿاڻي تي داخل ڪرايل آهي.جڏهن ته ملاح برادري جي عورتن ۽ مردن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج دادو ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو آهي ته نگينا قتل ڪيس ۾ اسان کي بيگناهه ڦاسايو پيو وڃي.اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.