ڪوٽڏيجي ۾ نينگر سان مبينا بدفعلي خلاف احتجاج

ڪوٽڏيجي (ن ع آ) ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ ڪريم بخش سونيو ۾ پنج ڪلاس جي شاگرد 10 سالا معصوم نينگر ياسر علي پٽ نظر حسين سونيو کي سندس ئي سئوٽ احمد علي عرف گنو سونيو پاران نينگر کي کنڀي ڪمري ۾ کڻي وڃي مبينا بدفعلي جي ڪوشش نينگر جا ڪپڙا لاهي ليڙون ليڙ ڪري ڇڏيا نينگر جي دانهون ڪرڻ تي وارث پهچي ويا نينگر کي بدفعلي جو نشانو بڻائيندڙ  جوابدار وارثن کي ڏسندي ئي فرار ٿي ويو زخمي نينگر جي وارثن ڪوٽڏيجي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائڻ باوجود پوليس پاران جوابدار کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف مبينا بدفعلي جو شڪار شاگرد ياسر علي پنهنجي والد سان گڏ صحافين آڏو اکين مان لڙڪ لاڙيندي چيو ته مان پنج ڪلاس جو شاگرد آهيان  غربت سبب اسڪول کان پوءِ سيلون تي ڪم سکندو آهيان جيئن سيلون کان ڳوٺ واپس اچي رهيو هئس ته  منهنجي سئوٽ احمد عرف گنو سونيو مون کي اڪليو ڏسي ڪمري ۾ زبردستي کڻي وڃي منهنجا ڪپڙا لاهي بدفعلي جي ڪوشش ڪري رهيو هو منهنجي منع ڪرڻ تي مون کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو منهنجي دانهن تي منهنجا وارث پهچي ويا جن کي ايندي ڏسي جوابدار احمد عرف گنو فرار ٿي ويو نينگر جي والد نظر جو چوڻ هو ته مان پورهيو ڪري پنهنجي اولاد کي تعليم ڏياري رهيو آهيان منهنجي نافرمان ڀائٽي مون سان ظلم ڪيو آهي منهنجي معصوم پٽ کي بدفعلي جي ڪوشش ڪري مٿس تشدد ڪري ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا آهن جنهن خلاف ڪوٽڏيجي پوليس وٽ فرياد داخل ڪرايو آهي جتي ٿاڻي جي منشي جوابدار جي گرفتاري لاءِ مون کان پئسا ورتا ان کان علاوه پوليس موبائل جي ڊرائيور ۽ انچارج طالب سيال جوابدار جي گرفتاري لاءِ الڳ پئسا گهريا ۽ چيو ته اسان کي پئسا ڏيندي ته جوابدار گرفتار ڪنداسين نه ته جنهن کي وڻي وڃي دانھن ڏئي  جنهن کي پئسا ڏنا اٿئي ان کي چئو ته جوابدار گرفتار ڪري پورهيت اکين مان لڙڪ لاڙيندي چيو ته مان ايترا پئسا ڪٿان آڻيان جو هر هڪ پوليس وارن کي الڳ الڳ پئسا ڏيان  جن مون کي ڌڙڪا ڏئي واپس ڪري ڇڏيو ۽ جوابدار ڀائٽي مٿان فرياد داخل ڪرڻ تي موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي اگر ڪجهه به ٿيو ته ان جو ذميوار ڪوٽڏيجي پوليس هوندي هن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي    جوابدار کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏئي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.