لاڙڪاڻي لڳ چڙهائي، ڀڃ ڊاهه، همراهه کنڀي گم، زال جو پوليس خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو( ڊ ر) لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ پير شير جي رهواسڻ پيرسن عورت لاڙڪاڻو پوليس ۽ مڙس کي مبينا کنڀي گم ڪرڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي عورت مسمات سون ٻائي زال ياسين تونيو دانهيندي الزام لڳايو ته 5 مهينا اڳ مارڪيٽ پوليس منهنجي پٽ ارسلان جتوئي کي ڪچي مان پڪڙي بيگناهه ڪوڙي مقابلي ۾ زخمي ڪري جيل موڪليو ڇڏيو ۽ ٽي ڏينهن اڳ رات جي وقت مارڪيٽ ۽ دڙي ٿاڻي جي پوليس گهر ۾ گهڙي ڀڃ ڊاهه ڪري گھر مان موٽرسائيڪل، 2 موبائيل، 35 هزار کڻي مڙس ياسين تونيو کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو جنهن جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو خدشو آهي ته پوليس پٽ جيان مڙس کي به ھاف فراءِ ڪندي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته پوليس چڙهائي جو نوٽيس وٺي مڙس جي گرفتاري ظاهر ڪري پٽ مٿان ڪوڙو ڪيس ختم ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت آءُ انتهائي سخت قدم کڻڻ تي مجبور ٿي وينديس.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.