محبت ديرو لڳ چڙهائي، عورتن تي تشدد، نوشهري ۾ احتجاج

نوشھرو فيروز ( رپورٽ:   ايم ظفر تڳر ) محبت ديرو لڳ گهر تي چڙهائي عورتن ۽ ٻارن تي تشدد، خبر موجب محبت ديرو جي ڀرسان ڳوٺ گوندل خان سولنگي جا سوين رھواسي عورتون مرد قرآن پاڪ ھٿن ۾ کڻي گاڏيون ڀري نيشنل پريس ڪلب پھتا ميڊيا سان ڳالھائيندي امام بخش سولنگي، رسول بخش، دودو، علي گوھر، منٺا رسولنگي ۽ ٻين چيو ته وڏيرو غفار ڏھراج ، جان شير ڏھراج، انور ڄاڄوھو ٻين  اختيار سولنگي کي  6 مهينا اڳ گم ڪري لاش گولاڙچي ۾ اڇلايو،  جيڪو شاھجھان چھواڻ جي ڪيس جو مک شاھد ھو ، ڪيس پڻ داخل ٿيل آھي، مگر پوليس ڪابه گرفتاري نه ٿي الٽو پنھنجو نوڪر انيس کي ماري ان جي ايف آءِ آر پڻ اسان تي داخل ڪئي 25 پوليس گاڏيون اسان جي ڳوٺ تي چڙھائي ڪري اسان جي عورتن مردن تي تشدد ڪيو ويو آھي، اسان اڄ مجبور ٿي پنھنجون عورتون مرد قرآن کڻي پريس تي پھتا آھيون، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي نوشھرو فيروز کان مطالبو ٿا ڪريون فورن قتل گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ اسان نيشنل ھاءِ وي بند ڪنداسين، ان جي ذميوار وڏيرا شاھي انتظاميه  جي ھوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.