بلڙي شاهه ڪريم ڀرسان اسڪول سالن کان بند، ٻارڙا رلڻ لڳا

بلڙي شاھه ڪريم( رپورٽ:احسان علي انصاري)بُلڙي شاھ ڪريم ويجهو جاڙاواه ڀرسان ڳوٺ حاجي محمد رحيم لاشاري جو گورنمنٽ ڪئمپس مين پرائمري اسڪول گُذريل ڇهن سالن کان بند ڳوٺاڻا ٻارڙا تعليم جي زيور سان فيضياب ٿيڻ کان محروم والدين پريشان ، انهي سلسلي ۾ ڳوٺاڻن حاجي الهڏنو لاشاري ،حاجي صديق لاشاري، حاجي نظير لاشاري ،عبدالسلام لاشاري ۽ ٻين عوامي آواز کي ٻُڌايو ته گُذريل ڇهن سالن کان سيمس ڪوڊ نه هُجڻ ۽ اُستاد جي غير موجودگي  جو بهانو ڄاڻائي اسڪول کي بند ڪيو ويو آهي جنهن سبب اسان جا معصوم ٻارڙا جيڪي هن تيز سردي ۾ پيادل ميلن جا پنڌ ڪري تعليم پرائڻ وڃن ٿا ۽ اسان جي ڳوٺ جو مين پرائمري اسڪول بند هُجڻ ڪري ٻيا ڪيترا ئي ٻارڙا اُنهن ميلن جي پنڌ ڪرڻ کان لنوائي تعليم کان محروم بڻيل آهن اگر هتي جو اسڪول بحال ڪري اُن ۾ استاد رکيو وڃي ته ڪيترا ئي معصوم ٻارڙا تعليم جي سُنهري زيور سان فيضياب ٿي سگهن ٿا ، اسڪول ڪافي عرصي کان بند هجڻ ڪري عمارت مڪمل زبون حال ٿي وئي آهي جنهن ۾ وڏو جهنگ ڪچرو موري ويو آهي ڪلاسن ۾ ڪوريئڙن جون تاڃيون چئوطرف چوٽيل آهن جنهن مان ايئن ٿو محسوس ٿئي ته هي اسڪول نه بلڪه پراڻو خوفناڪ مهل آهي، هنن چيو ته اسان ڪافي ڀيرا تڪ جي چونڊيل نمائيندن سميت واسطيدار اختيارين کي پڻ هن طرف ڌيان ڇڪايو آهي پر هن وقت تائين ڪو به تدارڪ ناهي ٿي سگهيو ، هنن وزير اعليٰ سنڌ وزير تعليم ،ايجوڪيشن ورڪس کاتي ۽ ذميوار اختيارين کي هن طرف ڌيان ڇڪائيندي مطالبو ڪيو ته تُرت نوٽيس وٺي بند پيل اسڪول ۾ استاد مقرر ڪري ٻارڙن جي متاثر ٿيندڙ تعليم کي بحال ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.