ٽنڊوآدم پوليس جي 4 ڪروڙ جي منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

ٽنڊو آدم ( ن ع آ ) ٽنڊو آدم لڳ رينجرز ۽ اينٽي نارڪوٽيڪس جي گڏيل ڪاروائي هڪ جوابدار گرفتار 4 ڪروڙ ماليت جي منشيات برآمد رپورٽ موجب پاڪستان رينجزر ۽ اينٽي نارڪوٽيڪس ڳجهي اطلاع تي ٽنڊي آدم تعلقي ٿاڻي جي حد ڳوٺ سبحان رند تي ڇاپو هڻي بين الصوبائي منشيات فروش نواب بروهي کي گرفتار ڪري 506 ڪلو حشيش (اعلي ڪوالٽي جو چرس )، هڪ رپيٽر ، 8 گوليون برآمد ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي رينجرز پاران جاري ڪيل پريس رليز ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هٿ ڪيل منشيات جي ماليت 4 ڪروڙ رپيا آهي جڏهن ته تعلقي ٿاڻي تي جوابدار تي ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي

  • گهوٽڪي واسي 2  مغوي آزاد نه ٿيا، وارثن پريشان

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي واسي 2 مغوين جي بازيابي لاءِ اڳڀرائي نه ٿي سگهي، خبر موجب  چوپائي مال جو علاج ڪرائڻ جي بھاني گھرائي اغوا ڪيل نوجوانن جي بازيابيءَ لاءِ 4 ڏينهن گذرڻ باوجود رائونتي پوليس حدبندي جو تڪرار ڄاڻائي ڪا اڳڀرائي نه ڪري سگهي. اوٻاوڙو ۽ رائونتي جي  رهواسي نوجوان رفاقت ڏهر ۽ محمد اسحاق جهڪ جي وارثن جو چوڻ آهي ته اڄ اسان پهنجي مدد پاڻ تحت قرآن شريف کڻي رائونتي ڪچي طرف ويل هئاسين پر نوجوان جو ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. ھنن ايس ايس پي گهوٽڪي کي نوجوانن جي بازيابيءَ ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.