سونڊا لڳ ڪلاس دوران اسڪول جا چاپڙ ڪري پيا، احتجاج

سونڊا (رپورٽ: ارشاد گندرو)سونڊا لڳ علي بحر ۾ قائم ڪيل گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول اميد علي سومرو جي عمارت زبون حال ھئڻ ڪري ڪجھ عرصو اڳ تعليم کاتي پاران اسڪول جي عمارت جو تعميراتي ڪم ڪرايو ويو پر ٺيڪيدار پاران اسڪول جي مرمتي ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪيو ويو، اسڪول جي مرمتي ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ھئڻ ڪري گذريل ڏينھن اسڪول جي ٽائيم وقت پڙهائي دوران اوچتو ڇت مان  وڏا چاپڙ ڪري پيا، اسڪول ۾ پڙھائيندڙ استاد ۽ تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد معجزاڻي طور محفوظ رھيا. ان سلسلي ۾ اسڪول جي استادن جو چوڻ آهي ته اسڪول جي عمارت خطرناڪ بڻجي وئي ھئي، ڪافي ڀيرا شڪايتن بعد تعليم کاتي اسڪول جي عمارت جو مرمتي ڪم شروع ڪرايو ويو پر ٺيڪيدار پاران عمارت جي مرمتي ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪري سوين شاگردن جي زندگين کي خطري ۾ وجھي ڇڏيو، اسڪول جي عمارت ڪنھن به وقت وڏي حادثي جو شڪار ٿي سگھي ٿي. ٻارن جي زندگي جو سوال آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو جلد نوٽيس وٺي اسڪول جي عمارت کي نئين سِر تعمير ڪري مرمتي ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪندڙ ٺيڪيدار خلاف قانوني ڪارروائي ڪري لٽيل پئسا واپس ڪرايا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.